سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي 27 ڄڻا فوت

ڪراچي : سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 27 ڄڻا فوت ٿي ويا، 24 ڪلاڪن دوران 5103 ٽيسٽون ڪيون ويون، 1150 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 27 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ 76318 ڪورونا جا ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وگهي هن وقت تائين 1205 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اڄ وڌيڪ 1252 مريض صحتياب ٿي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا، هن وقت تائين 41992 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ هن وقت 33121 مريض علاج هيٺ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔