ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو: موسميات کاتو

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. موسميات کاتي موجب اسلام آباد ۾ اڄ موسم جهڙالو رهندو. جڏهن ته مٿانهين خيبرپختونخواهه، پوٽهوهار، گلگت بلتستان، اسلام آباد، ڪشمير ۽ ان سان لاڳاپيل  جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

گذريل ڏينهن به ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهيو. جڏهن ته مٿانهين پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، اسلام آباد، ڪشمير ۽ ان سان لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات پئي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جو زور برقرار رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔