پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج

لاهور: پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪئي وئي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي خلاف درخواست ايڊووڪيٽ منير احمد طرفان داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت، پيٽروليم جي سيڪريٽري سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.

درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪابينه جي منظوري کان سواءِ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي خلاف حڪم امتناع جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت اوچتو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پيٽرول جي اگهن ۾ 25 روپيه واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 100 روپيه في ليٽر ٿي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته حڪومت ڊيزل جي اگهن ۾ 21 ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ 31 روپين کان وڌيڪ جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔