تعليمي ادارا کولڻ بابت فيصلو ٻه جولاءِ تي ڪنداسين: شفقت محمود

اسلام آباد:  تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته خانگي اسڪولن جي طرفان تعليمي ادارا کولڻ جو گهڻو دٻاءُ آهي پر ان باري ۾ فيصلو 2 جولاءِ تي تعليمي ڪانفرنس ۾ ڪنداسين.

شفقت محمود چيو ته سڄي ملڪ ۾ سمورن ٻارن کي پاس ڪيو ويو آهي ۽ اهو فيصلو بين الصوبائي ڪانفرنس جو هو. ان بابت ڪجهه قانوني مسئلا سامهون اچي رهيا آهن جن کي ختم ڪيو پيو وڃي.

تعليم واري وفاقي وزير چيو ته اسان سرڪاري اسڪول کولڻ جو فيصلو ناهي ڪيو. 2 جولاءِ تي بين الصوبائي وزيرن واري تعليمي ڪانفرنس منعقد ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔