سنڌ ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 38 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون،

ڪراچي: سنڌ ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 38 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 1949 نوان ڪيس ظاهر: صوبي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 1243 ٿي ويو، متاثرن جو انگ 78 هزار 267 ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ 1139 نوان ڪيس سامهون آيا، حيدرآباد ۾ 99، گهوٽڪي ۾ 93، خيرپور ۾ 68، سکر ۾ 54، شڪارپور ۾ 46، شهيد بينظير آباد ۾ 45، سانگهڙ ۾ 32، ميرپورخاص ۾ 27، لاڙڪاڻي ۾ 25، ڄامشورو ۾ 17، نوشهروفيروز ۾ 16، دادو ۾ 15، بدين ۾ 12، ڪشمور ۾ 9، عمرڪوٽ ۾ 7، سجاول ۾ 6، ٽنڊو الهيار ۽ جيڪب آباد ۾ 3-3، ٽنڊو محمد خان ۽ مٽِياري ۾ 2-2 ڪيس سامهون آيا، هيل تائين 43 هزار 444 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔