پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تاريخ جي سڀني کان وڏي چوري آهي: رانا ثناءُالله

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر رانا ثناءَالله چيو آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تاريخ جي سڀني کان وڏي چوري آهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي رانا ثناءَالله چيو ته اسد عمر چيو هو ته اسان ڊالر کي آزاد ڪري ڇڏيو، ڊالر کي ڪهڙي مافيا خريد ڪري اربين روپيه ڪمايا. دوائن جي اگهن تي ڪوبه ايڪشن ناهي ورتو ويو.اٽي جي اگهن ۾ اضافو ٿيو.حڪومت کي احساس ئي ناهي ٿيو پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تاريخ جي سڀني کان وڏي چوري آهي. پيٽرول سستو ٿيو ته حڪومت کي بليڪ ميل ڪري ذخيرو ڪيو ويو. مافيا اگهه گهٽ ٿيڻ تي تيل ذخيرو ڪري سپلاءِ روڪي ڇڏي ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب اربين روپين جو فائدو کنيو. (ن) ليگ اڳواڻ چيو ته حڪومت انتقام وٺڻ جي چڪر ۾ انتها تي هلي وئي آهي. ايف آءِ اي ۽ آءِ بي گهرو وزارت جي ماتحت آهن. اربين جي چوري ٿي رهي آهي. هي ادارا ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهن.مافيا جي خلاف ڪير ڪارروائي ڪري رهيو آهي.؟ جنهن کي مافيا جي پويان لڳائڻو هو انهن کي اپوزيشن جي پويان لڳايو ويو. هي ادارا مافيا جي ڄاڻ گڏ ناهن ڪندا. اپوزيشن جي پويان ڦرندا رهندا آهن. اسان کي اها خبر ناهي پئجي رهي ته هي مافيا ان جي اندر آهي، پيٽرول مافيا جيڪا ڪالهه چوري ڪئي آهي ان تي عوام کي بيوقوف بنائڻ جي لاءِ هڪ ڪميشن ٺاهي وئي.رانا ثناءُالله چيو آهي ته پي آءِ اي جي رپورٽ جيڪا وزير پيش ڪئي آهي اها شروعاتي رپورٽ آهي. مرحوم پائلٽ کي جهڙي طرح ذميوار بنايو ويو آهي اها انتهائي نامناسب آهي. وفاقي وزير پاڻ ئي سڄي دنيا جي سامهون پي آءِ اي کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي. اهو صرف ان لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي بدنام ڪري سگهجي. هاڻ دنيا جي سامهون پي آءِ اي بالڪل ختم ٿي چڪي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔