پاڪستان سک ياترين لاءِ ڪرتاپور راهداري کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: پاڪستان سک ياترين جي لاءِ ڪرتاپور راهداري کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته سڄي دنيا جون عبادت گاهون کوليون پيون وڃن جنهن کان پوءِ هاڻ پاڪستان ڀارت طرفان ڪرتارپور راهداري به 29 جون تي کولي ويندي.شاهه محمود قريشي چيو ته ڪرتارپور کولڻ جو فيصلو مهاراجه رنجيت سنگهه جي ورسي جي سلسلي ۾ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عائشه فاروقي چيو آهي ته ڪرتارپور راهداري ٻيهر کولڻ جي لاءِ ڀارت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ڪورونا کي نظر ۾ رکندي ڪرتارپور راهداري 16 مارچ تي بند ڪئي وئي هئي.واضح رهي ته پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 74 فوتگيون ٿيون آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 4 هزار 35 ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔