ايٽمي طاقت حاصل ڪرڻ دانشمنداڻو فيصلو هو: صدر ۽ وزيراعظم طرفان قوم کي يوم تڪبير تي مبارڪباد

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان طرفان ڪيل ايٽمي ڌماڪن کي 27 سال مڪمل ٿيڻ تي خصوصي پيغام جاري ڪندي قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻجندي 27 سال مڪمل ٿي ويا انهي حوالي سان اڄ سموري ملڪ ۾ يوم تڪبير ملهايو پيو وڃي.

وزيراعظم شهباز شريف يوم تڪبير جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي چيو ته پاڪستان کي دنيا جي ستين ايٽمي طاقت بڻجندي 27 سال مڪمل ٿي ويا، پاڪستان هن ڀيري يوم تڪبير هڪ اهم ۽ تاريخي موقعي تي ملهائي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان الله جي فضل وڪرم سان 6 کان 10 مئي جي معرڪه حق ۾ فتحياب ٿيو، ڀارت جي مڙهيل جنگ ۾ سرخرو ٿي نڪتا آهيون، فتح مبين سان سرشار قوم لاءِ يوم تڪبير جي خوشين ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو.

هن چيو ته مئي 1998ع ۾ ڀارت 5 ايٽمي ڌماڪا ڪري اسان جي سلامتي، دفاع ۽ خودمختاري کي چيلينج ڪيو هو، نوازشريف 6 ڌماڪا ڪري پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنايو  انهي وقت نوازشريف قوم جي خواهشن، مفادن جي ترجماني ڪئي، نوازشريف اقتصادي پابندي، دٻاءُ، ڌمڪين ۽ لالچ کي ٿڏي ڇڏيو. نوازشريف ملڪ جي جغفرائي سرحدن کي هميشه لاءِ ناقابل تسخر بنائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته چاغي جي جبلن مان الله اڪبر جي صدا اڄ به پاڪستاني قوم جو عهد بڻجندي گونجي رهي آهي شاندار روايت ڀارت جي تازي بناجواز حملن جي خلاف قوم هڪ دفعو ٻيهر ورجائي.

وزيراعظم شهباز شريف ايٽمي پروگرام لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏيڻ تي قوم، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان، سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي سلام پڻ پيش ڪيو.

صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته يوم تڪبير تي قوم کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اڄوڪي ڏينهن اسان پنهنجي ايٽمي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، اڄوڪي ڏينهن اسان دفاعي طاقت حاصل ڪئي. صدر زرداري چيو ته اڄ اسان ملڪي خودمختاري،  علاقائي سالميت جي تحفظ جو ارادو ڪندا آهيون، ايٽمي پروگرام سان جڙيل سائنسدانن، انجنيئرز، سول ۽ فوجي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.

صدر آصف زرداري پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي بنياد رکڻ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج  عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته ايٽمي طاقت بنجڻ صرف اسان جي ٽيڪنيڪي ترقي نه هو. ايٽمي طاقت کي حاصل ڪرڻ طاقت جي ذريعي امن قائم رکڻ جو دانشمنداڻو فيصلو هو. هن چيو ته تبديل ٿيندڙ علاقائي سلامتي جي صورتحال ۾ اسان  جي ايٽمي طاقت هڪ قابل اعتبار  دفاعي صلاحيت آهي. پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت امن جي ضامن آهي، ايٽمي طاقت اسان جي خودمختاري ۽ قومي سلامتي کي يقيني بنائي ٿي.

انهي کان علاوه هن چيو ته پاڪستان جنگ جو خواهشمند ناهي، پاڪستان پرامن بقا گڏيل ۽ عالمي قانون جي احترام جي اصولن تي عمل پيرا آهي، يوم تڪبير تي هڪ دفعو ٻيهر عهد ڪريون ٿا ته ملڪي  خودمختاري ۽ علاقائي سالميت جو تحفظ ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔