پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻجندي 27 سال مڪمل، سموري ملڪ ۾ اڄ يوم تڪبير جوش، جذبي سان ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: پاڪستان طرفان ڪيل ايٽمي ڌماڪن کي 27 سال مڪمل ٿي ويا، پاڪستان اڄوڪي ڏينهن ڀارت جي 5 ايٽمي ڌماڪن جو جواب ڏنو، خطي ۾ طاقت جو توازن بحال ڪيو ۽ دفاع جو حق مڃرايو.

يوم تڪبير هر سال 28 مئي تي ملهايو ويندو آهي اهو ڏينهن اهو يادگار ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان سموري دنيا جي سامهون پهرين اسلامي ايٽمي طاقت بڻجي اڀريو ۽ پاڪستان ايٽمي تجربا ڪري ملڪي دفاع کي ناقابل تسخير بنايو.

ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي دور حڪومت ۾ پاڪستان 28 مئي 1998ع تي بلوچستان جي علائقي چاغي واري هنڌ تي 5 ڪامياب ايٽمي ڌماڪا ڪيا جنهن کان پوءِ انهي ڏينهن کي يوم تڪبير جي نالي سان ياد رکيو ويندو آهي. يوم تڪبير تي اڄ سموري ملڪ ۾ عام موڪل هوندي، خصوصي تقريبون منعقد ڪيون وينديون، ملڪ جي رکوالن کي سلام پيش ڪيو ويندو.

هٿياربند فوج، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت مڪمل طور تي تيار ۽ پرعزم آهي.

پيغام ۾ چيو ويو آهي ته يوم تڪبير 1998ع  جي انهي عظيم لمحي جي ياد ڏياريندو آهي جڏهن پاڪستان ايٽمي طاقت جي طور تي اڀريو، پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ توازن بحال ۽ پنهنجي دفاع جي حق کي مڃرايو. پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيت قومي امانت آهي، جيڪا عوامي امنگن جي عڪاس آهي، هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار ۽ پرعزم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔