ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ 14 ڪلاڪ ٿيڻ لڳي

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو دورانيو 14 ڪلاڪن تائين پهچي ويو ۽ لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ وارن علائقن ۾ به 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ڪراچي جي علائقي لياري، اولڊ سٽي ايريا، ڪياماڙي، ڪورنگي، اورنگي، لانڍي، سهراب ڳوٺ، سرجاڻي ٽائون، ملير ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ان کانسواءِ نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي، گارڊن، لياقت آباد، قائد آباد، ايف بي ايريا، محمود آباد سميت مختلف علائقن ۾ بجلي جي اک ٻوٽ جاري آهي ۽ سخت گرمي سبب شهري سخت تڪليف ۾ آهن.ترجمان چيو ته لوڊشيڊنگ جي دورانيي جو دارومدار بجلي چوري ۽ نقصانن جي شرح تي آهي، علائقائي فالٽز کي لوڊشيڊنگ سان ڀيٽ ڏيڻ درست ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔