ڀارت جو ايشيا ڪپ ۾ نه کيڏڻ جو فيصلو

ممبئي : هندستان جي ضد جي ڪري هن سال شيڊول ٿيل ايشيا ڪپ نه ٿيڻ جو امڪان آهي.هندستاني ميڊيا موجب، پاڪستان سان تڪرار کان پوءِ هندستان ايشيا ڪپ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هندستاني ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) مردن جي ايشيا ڪپ ۽ عورتن جي ايمرجنگ ايشيا ڪپ مان هٿ ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هندستاني ميڊيا موجب، مردن جو ايشيا ڪپ هن سال سيپٽمبر ۾ کيڏڻو آهي، جڏهن ته عورتن جو ايمرجنگ ايشيا ڪپ جون ۾ سريلنڪا ۾ شيڊول آهي. ان حوالي سان، بي سي سي آءِ جي هڪ عهديدار جو چوڻ آهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر پي سي بي جو چيئرمين محسن نقوي آهي، هندستاني ٽيم پاڪستاني وزير جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ٽورنامينٽ ۾ نه کيڏي سگهي ٿي. بي سي سي آءِ جي هڪ عهديدار موجب، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کي هاڻي زباني طور تي وومين ايمرجنگ ايشيا ڪپ مان هٿ ڪڍڻ جي خبر ڏني وئي آهي، ۽ اي سي سي جي باقي شيڊول ٿيل ايونٽس کي به روڪيو ويو آهي. اسان ان حوالي سان حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔