پيءُ جي وفات جي خبر ٻڌي به ماڻهن کي کلائيندورهيس: شڪيل صديقي

لاهور : پاڪستان جي مشهور اداڪار ۽ مزاحيه فنڪار شڪيل صديقي پنهنجي زندگي جي سڀ کان ڏکئي لمحي جو انڪشاف ڪيو.تازو ئي مزاحيه فنڪار هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ مهمان طور نظر آيو، جنهن دوران هن مختلف معاملن تي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا.هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته مون کي منهنجي پيءُ جي وفات جي خبر تڏهن ملي جڏهن مان آمريڪا ۾ پرفارم ڪري رهيو هوس.مزاحيه فنڪار چيو ته مان اسٽيج تي پرفارم ڪري رهيو هوس جڏهن مون کي ٻڌايو ويو ته منهنجو پيءُ فوت ٿي ويو آهي، پر اها خبر ٻڌڻ کان پوءِ به، مون ايندڙ ڏيڍ ڪلاڪ تائين ماڻهن کي کلايو.هن چيو ته هن پروگرام کان پوءِ جڏهن ٻين ماڻهن کي خبر پئي ته انهن چيو ته توهان مون کي ڇو نه ٻڌايو، پر مون کي لڳي ٿو ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ ماڻهو پري پري کان ايندا آهن ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي پرفارمنس ڏسڻ لاءِ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪندا آهن، تنهن ڪري اسان کي انهن کي پنهنجو ڏک ٻڌائي مايوس نه ڪرڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي جو مون پرفارم ڪرڻ جاري رکيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔