37 هزار کان وڌيڪ ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان محروم

ڪراچي: ڪراچي ۾ هلندڙ سال پوليو کان بچاءُ واري مهم دوران 37 هزار کان وڌيڪ ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان محروم ٿي ويا.صحت کاتي جي ذريعن موجب سنڌ سميت ڪراچي جي مختلف شهرن ۾ 39 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو ويو. ڪراچي ۾ 20 لک 66 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا جڏهن ته شهر ۾ 27 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو هو.صحت کاتي جي ذريعن موجب سنڌ ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم دوران 88 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا جڏهن ته صوبي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو هو.ٻئي طرف پوليو کان بچاءُ واري مهم 21 اپريل کان 27 اپريل تائين جاري رهي. اي او سي موجب انهي مهم جي ڪارڪردگي گذريل پوليو مهم جي مقابلي ۾ بهتر رهي جڏهن ته ٻارن کي پوليو جا ڦِڙا پيارڻ جي حوالي سان والدين جي انڪار جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي.هن ئي سال جي ٽئي پوليو کان بچاءُ واري مهم 26 مئي کان پهرين جون تائين جاري رهندي. انهي دوران سموري ملڪ ۾ 4 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔