اسلام آباد: وزيراعظم محمد شهباز شريف هارين کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.زرعي شعبي ۾ سڌارن بابت اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي کي جديد خطن تي ترقي ڏني پئي وڃي ته جيئن زرعي خودڪفيليءَ حاصل ڪري سگهجي، زرعي شعبي جي وسيع صلاحيت کي معيشت جي تيز ترقي لاءِ استعمال ڪيو ويندو، الله تعاليٰ پاڪستان کي زرخيز زمين، قابل زرعي ماهرن ۽ محنتي هارين سان نوازيو آهي.هن چيو ته ملڪي پيداوار وڌائڻ لاءِ زرعي تحقيق تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري زرعي صنعتي ترقي لاءِ پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن زراعت سان گڏ ملڪ ۾ ٻيلن کي به فروغ ڏنو وڃي، جيڪي ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ انتهائي اهم آهن.وزيراعظم لاڳاپيل ڌرين سان صلاح مشوري سان زرعي شعبي جي ترقي لاءِ هڪ مربوط حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۽ ان حوالي سان صوبن سان صلاح مشورو يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، ۽ زرعي شعبي جي حوالي سان قومي زرعي جدت جو منصوبو تيار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.هن اهو به چيو ته زرعي ٻج جي تصديق واري نظام ۾ جاري سڌارن کي تيز ڪيو وڃي، اعليٰ معيار جي ٻج جي واڌاري لاءِ هڪ موثر ايڪشن پلان تيار ڪيو وڃي، جديد ٽيڪنالاجي جو فروغ اسان جي ترجيح آهي، ۽ هڪ جامع ريگيوليٽري فريم ورڪ قائم ڪيو وڃي.اجلاس ۾ زرعي شعبي ۾ سڌارن لاءِ قائم ڪيل ورڪنگ گروپ شرڪت ڪئي.وفاقي وزير قومي خوراڪ تحفظ ۽ تحقيق رانا تنوير حسين، وفاقي وزير اقتصادي معاملن احد خان چيما، وفاقي وزير خزانه ۽ روينيو محمد اورنگزيب، وفاقي وزير موسمياتي تبديلي مصدق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدار شامل هئا.