واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪي ڏني آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيارن جا خواب ڏسڻ بند ڪرڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ سخت جواب لاءِ تيار رهڻ گهرجي.اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته ايران اسان سان هڪ معاهدو چاهي ٿو، پر اهو نٿو ڄاڻي ته اهو ڪيئن ڪجي. هن چيو مان ايران سان مسئلو حل ڪندس، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي، ۽ ايران ايٽمي هٿيارن کان سواءِ هڪ عظيم ملڪ بڻجي سگهي ٿو.ٽرمپ ڌمڪي ڏني ته ايران کي ايٽمي هٿيارن جا خواب ڏسڻ بند ڪرڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ سخت جواب لاءِ تيار رهڻ گهرجي.ان کان علاوه، آمريڪي صدر ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته ممڪن حد تائين غير قانوني مهاجرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو منصوبو آهي، ۽ هو درآمد ٿيل دوائن تي به ٽيرف لاڳو ڪندو. دوائن تي محصولن جو نفاذ پري ناهي.