سنڌي ٻولي مصنوعي ذهانت جي پليٽ فارم جو حصو بڻجي وئي

ڪراچي: سنڌ جي نوجوان آءِ ٽي پروفيشنل فهد مقصود قاضي سنڌي ٻولي کي مصنوعي ذهانت واري پليٽ فارم جو حصو بڻائڻ لاءِ ٽيڪسٽ ٽو سائونڊ TTS ۽ سائونڊ ٽو ٽيڪسٽ STT ۾ تبديل ڪرڻ جو ٽول تيار ڪري ورتو آهي. هن ٽول جي مدد سان آڊيو کي ٽيڪسٽ ۽ ٽيڪسٽ کي آڊيو ۾ منتقل ڪري سگهبو. جيڪي سنڌ ماڻهو سنڌي مواد پڙهي نٿا سگهن، اهي آواز جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري اهو مواد آواز ۾ٻڌي سگهن ٿا. حيدرآباد واسي فهد مصطفيٰ پنهنجي محدود وسيلن موجب گذريل هڪ سال کان به وڌيڪ عرصي تائين محنت ڪري حي ٽول ٺاهيو آهي. هي ٽول اي آءِ جو خودڪار ڊبنگ سيسٽم آهي. فلز ٽيڪنالاجيز ۾ ڪم ڪندڙ هن 23 سالن جي آئي ٽي پروفيشنل جي دل ۾ جذبو جاڳيو ته ڇو نه سنڌي ٻولي کي اي آءِ جو حصو بڻائي ٻولي کي جديد ٽيڪنالوجي جو حصو بڻائجي. گذريل سال آگسٽ ۾ هن هٿ سان سنڌيءَ جو يوٽيوب، ڪهاڻين، ولاگ ۽ خبرن جي رپورٽن مان آڊيو مواد کڻي ٽريننگ ڊيٽا سيٽ ٺاهڻ شروع ڪيو هو. قاضي جي لاءِ اها وڏي آساني ٿي جڏهن کيس خبر پئي ته گوگل جو ملازم اسد ميمڻ تازو ئي سنڌيءَ کي موزيلا جي Common Voice پروجيڪٽ ۾ شامل ڪيو آهي، جيڪو گهٽ نمائندگي وارين ٻولين لاءِ آواز جا ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي عالمي ڪوشش آهي. قاضي انهيءَ Common Voice ڊيٽا کي پنهنجي مواد سان گڏايو ۽ AI ماڊلز جي ٽريننگ شروع ڪئي. جنوري 2025 تائين هن فعال سنڌي TTS ۽ STT سسٽم تيار ڪري ورتو. سنڌيءَ لاءِ ڪو ٽوڪنائزر به موجود نه هو، جيڪو AI ماڊلز لاءِ ضروري جز آهي، تنهنڪري قاضي پنهنجو ٽوڪنائزر پڻ ٺاهيو. مسلسل مهينن جي محنت، تربيت ۽ ماڊلز جي سڌاري سان هن نوجوان وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي، جيڪا ايندڙ نسلن کي پنهنجي ٻوليءَ سان جڙيل رکڻ ۾ مدد ڏيندي. قاضي، جيڪو ڪمپيوٽر سائنس ۾ گريجوئيٽ آهي، چيو ته: “جيئن ته پرڏيهه ۾ سنڌيءَ کي رسمي طور نه پڙهايو ويندو آهي، تنهن ڪري اڪثر نوجوان سنڌي پڙهڻ يا لکڻ جي سگهه کان وانجهيل آهن،” هن وضاحت ڪئي ته سنڌيءَ سان گهٽ تعلق سبب انهن جي سڃاڻپ آهستي آهستي ختم ٿي سگهي ٿي. “منهنجا ٽولز ماڻهن کي آواز ۽ متن جي ذريعي ماڻهن کي سنڌيءَ ۾ رابطو ڪرڻ جي سگهه ڏيندا .” هلندڙ سال مارچ ۾ قاضي هي ماڊلز عوامي طور لنڪڊ ان تي شيئر ڪيا ۽ HuggingFace تي اپلوڊ ڪيا، هگنگ فيس مشين لرننگ ماڊلز لاءِ اوپن سورس پليٽفارم آهي، ته جيئن ڊولپرز ۽ ريسرچرز سڄي دنيا مان انهن کي مفت استعمال ڪري سگهن. هي قدم سنڌيءَ لاءِ ڊجيٽل دور ۾ هڪ اهم موڙ آهي. قاضي ياد ڪندي چيو: “جڏهن مون هنن ٽولز تي ڪم شروع ڪيو، تڏهن محسوس ڪيم ته سنڌي مصنوعي ذهانت جي انقلابي سفر مان مڪمل طور گم هئي، ڇاڪاڻ ته ڪو به آواز ڊيٽا سيٽ، ٽوڪنائزر يا ٻيا لسانياتي ٽولز موجود نه هئا.” هن عرب نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ 4 ڪروڙ سنڌي آهن، پر ڪنهن به انهن جي ٻوليءَ لاءِ ضروري AI سسٽم نه ٺاهيا هئا.” هن چيو ته هي ٽولز پرڏيهه ۾ يا خود سنڌ جي شهرن ۾ رهندڙ اهڙن خاندانن جي ٻارن جن سنڌي ناهي پڙهي يا لکي، انهن لاءِ وڏا مددگار ثابت ٿيندا. پرڏيهه وارن ڪميونٽيز ۾ سنڌي پڙهائڻ جو ڪو بندوبست ناهي، اتان لاءِ اهي اوزار ثقافتي سڃاڻپ سان تعلق جو هڪ اهم ذريعو آهن. قاضي موجب، هي ماڊلز موبائيل ڪيبورڊز سان ضم ڪري سگهجن ٿا ته جيئن سنڌي آواز-کان-متن (VTT) پيغام موڪلڻ ممڪن ٿي سگهي، جڏهن ته TTS ماڊل لکت ٿيل سنڌي مواد کي ٻڌڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔