ٻن آپريشنز ۾9 دهشتگرد مارجي ويا، 2 فوجي جوان شهيد

اسلام آباد: خيبر پختونخوا ۾ ٻن ڌار ڌار مقابلن دوران ٻه فوجي جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، ڇنڇر تي فوج جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻئي آپريشن انٽيليجنس بيسڊ هئا جيڪي جمعي ۽ ڇنڇر تي ڪيا ويا. پهرئين مقابلي ۾، سيڪيورٽي فورسز محمد ضلعي ۾ هڪ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فوجين دهشتگردن جي ٺڪاڻي تي ڪامياب ڪاروائي ڪري 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. جنهن ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا. جن ۾ مالاڪنڊ ضلعي جو حوالدار محمد زاهد (37 ورهين جو) ۽ چترال ضلعي جو سپاهي آفتاب علي شاهه (26 ورهين جو) “دليريءَ سان وڙهندي” شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران “شهادت جو بلند مقام حاصل ڪيو”. هڪ ٻئي مقابلي ۾، جيڪو ڊيره اسماعيل خان ضلعي جي عام علائقي مدي ۾ ٿيو، تنهن ۾فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻن دهشتگردن کي ماريو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو، جيڪي ڪيترن ئي دهشتگرداڻين سرگرمين ۾ ملوث هئا. ڄاڻايل علائقي ۾ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. “پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن،”.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔