اسلام آباد: ملڪ جي مختلف 12 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.
نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين سي او سي) ريجنل ريفرنس ليب جي 12 ضلعن جي نمونن ۾ پوليو جي تصديق ڪئي آهي، ماحولياتي نموني ۾ وائلڊ پوليو وائرس ٽائپ 1 مليو آهي.
اين سي او سي اختيارين موجب ملتان، بهاولپور، لاهور، ڊي جي خان، قصور، ڊيرا بگٽي، لسٻيلي، ڪوئيٽا، سبي، ڏکڻ وزيرستان، چارسدا، صوابي جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.