بنون ۾ پوليس ٿاڻن تي دهشتگردن جا هڪ ئي وقت حملا

پشاور: خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ دهشتگردن 2 پوليس اسٽيشنن کي نشانو بنايو جڏهن ته نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن خوجڙي پوليس چوڪي تي 2 هينڊ گرنيڊ سان حملو ڪيو پر خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. پوليس موجب حملو ڪندڙن جي ڳولا جاري آهي، علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، انهي واقعي کان پوءِ ڳوٺ جي ماڻهن به چوڪي جي حفاظت لاءِ پاڻ کي هٿياربند ڪري ورتو ۽ اعلان ڪيو ته خوجڙي پوليس چوڪي جي حفاظت علائقي جا رهواسي ڪندا.پوليس موجب بنون جي بڪاخيل پوليس اسٽيشن ۽ غوري واله پوليس اسٽيشن تي به حملا ڪيا ويا جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي پوليس موجب دهشتگردن 3 مختلف هنڌن تي هڪ ئي وقت حملا ڪيا جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا حملو ڪندڙن جي ڳولا ۾ آهن ۽ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، عوام پوليس سان تعاون جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔