اسلام آباد: مغربي هوائن جو سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿي ويو جنهن سبب اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪوئٽه جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جڏهن ته موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
اڱاري جي صبح چمن ڀرپاسي ۾ به تيز برسات پئي جڏهن ته مٿانهين علائقن ۾ ڪٿي ڳڙو پيو ته ڪٿي برفباري ٿي رهي آهي. برسات سبب بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي ۽ مواصلاتي جو نظام متاثر ٿي ويو آهي.
ٻئي طرف لاهور، ملتان، چيچه وطني، سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات پئي، جڏهن ته اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ به برسات جو سلسلو جاري آهي. اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات پئجي رهي آهي. موسميات کاتي موجب برسات جو سسٽم 2 مارچ تائين جاري رهڻ جي اميد آهي. جنهن جي تحت اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي.
انهي کان علاوه موسميات کاتي اڄ ۽ سڀاڻي سنڌ جي شهرن حيدرآباد، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ سکر ۽ به برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.