سنڌ جي تعليم کاتي رمضان جي مهيني ۾ اسڪولن جو نئون ٽائيم جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي رمضان جي مهيني ۾ اسڪولن جو نئون ٽائيم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي موجب سنگل شفٽ وارا پرائمري اسڪول صبح 8 کان 1:30 وڳي تائين کليل رهندا، جمعي تي 8 کان 11:30 وڳي تائين اسڪول کليل رهندا.

ڊبل شفٽ پرائمري اسڪول جو وقت صبح ساڍا 7 کان 11:30 وڳي تائين هوندو ۽ انهن اسڪولن جي ٻئي شفٽ پوڻي 12 کان پوڻي 3 وڳي تائين هوندي.

سنڌ جي تعليم کاتي موجب ڊبل شفٽ وارن اسڪولن ۾  جمعي تي پهرين شفٽ 7:30 کان 11:30 وڳي تائين هوندي ۽ ٻنپهرن جي شفٽ 11:45 کان 1:30 وڳي تائين هوندي.

سنگل شفٽ سيڪنڊري، هائر سيڪنڊري ۽ ايليمينٽري اسڪول 8 کان 1:30 وڳي تائين کليل رهندا جڏهن ته جمعي تي 8 کان 11:30 تائين اسڪول کليل رهندا.

انهي کان علاوه ڊبل شفٽ سيڪنڊري، هائر سيڪنڊري اسڪولن جي پهرين شفٽ 7:30 کان 11:30 تائين هوندي ۽ ٻئي شفٽ 11:45 کان 2:45 تائين هوندي.

تعليم کاتي موجب ڊبل شفٽ اسڪولن ۾ جمعي تي پهرين شفٽ 7:30 کان 11:30 وڳي تائين هوندي جڏهن ته جمعي تي ٻئي شفٽ 11:45 کان 1:45 تائين هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔