غزه: حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ 620 فلسطيني قيدين جي آزادي ۽ 4 اسرائيلي مغوين جي لاشن جي ڏي وٺ تي اتفاق ٿي ويو، جنهن سان جنگبندي معاهدي ۾ ايندڙ وڏي رڪاوٽ ختم ٿي وئي آهي.
عرب ميڊيا موجب اهي قيدي گذريل هفتي آزاد ٿيڻا هئا پر اسرائيل انهن جي آزادي روڪي ڇڏي هئي پر هاڻ انهن جي جلد آزاد ٿيڻ جو امڪان آهي.
اسرائيلي ميڊيا به انهي ڊيل ۾ سامهون ايندڙ رڪاوٽن جي خاتمي جي تصديق ڪندي چيو ته فلسطيني قيدي اڄ آزاد ڪري سگهجن ٿا. آزادي کان پوءِ حماس 4 اسرائيلي مغوين جا لاش مصر جي ذريعي اسرائيل جي حوالي ڪندو.
آمريڪي ايلچي اسٽيووٽڪوف چيو آهي ته اسرائيلي نمائندا غزه جنگبندي جي ٻئي مرحلي جي ڳالهين جي لاءِ روانو ٿي چڪو آهي، اهي ڳالهيون قاهره يا دوحه ۾ مصر ۽ قطر جي ميزباني ۾ ٿينديون