پالتو ٻليءَ جي حرڪت سبب عورت نوڪري تان هٿ ڌوئي ويٺي

چين ۾ هڪ عورت پالتو ٻليءَ جي غلطي سبب نوڪري تان هٿ ڌوئي ويٺي.
ڏکڻ اولهه چين جي علائقي چونگ ڪنگ واسڻ 25 ورهين جي عورت ٻڌايو ته سندس گهر ۾ پالتو ٻليون موجود آهن، هن ليپ ٽاپ تي استعيفيٰ لکي هئي پر اها موڪلڻ جي حتمي فيصلي بابت سوچ ويچار ۾ مصروف هئي، ان دوران ٻلي اوچتو ليپ ٽاپ تي ٽپو ڏنو، جنهن سبب انٽر جو بٽڻ دٻجي ويو ۽ استعفيٰ جي ميل باس وٽ هلي وئي.
سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ عورت باس سان رابطو ڪيو ۽ کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن اعتبار نه ڪيو.
باس طرفان استعيفيٰ قبول ڪرڻ کانپوءِ عورت نه رڳو نوڪري تان هٿ ڌوئي ويٺي پر سال جي آخر ۾ ملندڙ بونس کان به محروم ٿي وئي.
عورت هاڻ نئين نوڪري جي ڳولا ۾ آهي، جڏهن ته سندس ڪهاڻي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي واهپيدارن دلچسپ ردعمل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو.
هڪ واهپيدار لکيو ته ”ٻلي جا ٿورا مڃيو، جنهن توهان کي فيصلو وٺڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ۽ ٻڏتر مان ڪڍيو“.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔