ٽرمپ جي حلف برداري، اھم يورپي اڳواڻن کي دعوت ئي نه ملي

واشنگٽن: آمريڪا جو نئون چونڊيل صدر 78 سالن جو ڊونلڊ ٽرمپ اڄ 47 هين صدر طور حلف کڻندو. سندس نائب صدر جي ڊي وينس پڻ حلف کڻندو ۽ حلف برداري جي تقريب جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. حلف برداري جي تقريب کانسواءِ پريڊ ۽ ميوزيڪل فنڪشن سميت سڄو ڏينهن مختلف تقريبون جاري رهنديون. تقريب ۾ شرڪت لاءِ 7 اهم حڪومتن ۽ رياستن جا سربراهه ۽ 2 اڳواڻا ليڊر به تقريب ۾ شرڪت ڪندا. جڏهن ته حڪمران ريپبلڪن پارٽي جا ٽڪيٽ هولڊر، اهم آمريڪي حڪومتي عملدار ۽ مختلف ملڪن مان آيل مهمانن، سيليبرٽيز سميت 5 لک ماڻهو تقريب م شرڪت ڪندا. اڪثر اهڙن اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي آهي جيڪي ساڄي ڌر جا ڪنزرويٽو آهن. ارجنٽينا جو صدر جيويئر ملي شرڪت لاءِ پهچي ويو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ کي دعوت ڏني وئي هئي جنهن نائب صدر هين زينگ کي شرڪت لاءِ نامز ڪيو آهي. اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني، هنگري جو وزيراعظم وڪٽر اوربن به شرڪت ڪندا. ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي کي دعوت ڏني وئي پر هن پرڏيهي وزير جي شنڪر کي موڪليو آهي. برازيل ۽ پولينڊ جي سابق اڳواڻن کي به دعوت ڏني وئي آهي. جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين جي وزيراعظم، يورپي يونين ، جرمني ۽ فرانس جي سربراهن کي ڄاڻي واڻي دعوت ناهي ڏني وئي. ڪيپيٽل بلڊنگ جي لان بدران تقريب عمارت اندر ٿيندي ڇو ته واشنگٽن ۾ ڪافي ٿڌ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔