راولپنڊي: خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 2 مختلف آپريشنن دوران 8 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
آءِ ايس پي آر موجب ضلعي ٽانڪ ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ٻيو آپريشن ضلع خيبر جي وادي تيراهه ۾ ڪيو جنهن ۾ 2 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب علائقي ۾ وڌيڪ خارجين جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز طرفان خيبرپختونخواهه ۾ 2 مختلف آپريشنن ۾ 8 خارجي دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.
ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري ضلع ٽانڪ ۽ خيبر ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ۽ دهشتگردي کي جڙ کان ختم ڪرڻ تي قومي ارادن جو پڻ اظهار ڪيو. آصف علي زرداري چيو ته خارجين جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.