تربت ۾ ڌماڪو، هڪ شخص مارجي ويو

تربت : بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي تربت تحصيل جي علائقي جوسڪ ۾ روڊ ڪناري ڌماڪو ٿيو آهي.پوليس موجب، ڌماڪي ۾ هڪ شخص مارجي ويو.پوليس چيو آهي ته تربت جي علائقي جسڪ ۾ ڌماڪي جي جاچ جاري آهي.ڌماڪي کان پوءِ پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي ۽ ٻيا جاچ ادارا ڌماڪي جي نوعيت ۽ ڌماڪيدار مواد جو تعين ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔