ڪراچي: ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا جون خدمتون سستي جو شڪار آهن، جنهن سبب ملڪي معيشت ۽ جي ڊي پي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.انٽرنيٽ جي سست رفتاري سبب صارفين کي واٽس ايپ ۽ ٻين ايپس تي تصويرون، وڊيوز، وائس نوٽس موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. ٻئي طرف وائي فائي ۽ موبائل ڊيٽا سروس متاثر ٿيڻ جون به شڪايتون مليون آهن.آءِ ٽي ماهرن موجب سست انٽرنيٽ سبب ملڪي معيشت ۽ جي ڊي پي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.آءِ ٽي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ٽيلي ڪام سيڪٽر جو روزانو منافعو 3 ارب رپيا آهي، ٽيلي ڪام شعبي جي روزاني منافعي جو 60 کان 70 سيڪڙو 3 جي ۽ 4 جي نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل آهي.