اسلام آباد پوليس بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا

اسلام آباد: پوليس پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا آهن.

ڪوهسار ٿاڻي ۾ 24 نومبر جي احتجاج ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. اسلام آباد پوليس 96 نامزد جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا آهن.

ڪيس ۾ شيخ وقاص اڪرم، عمر ايوب، شير افضل مروت به نامزد آهن، انهي کان علاوه عاليه حمزه سيمابيه طاهر، شعيب شاهين ۽ علي بخاري جا نالا به شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس اسپيشل ٽيمون جوڙيندي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔