سياسي ڪميٽي اجلاس،حڪومتي اپائن تي خدشن جو اظهار

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ڪراچي ۾ رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.ملاقات ۾ موجوده سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي ۽ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، مرڪزي ۽ ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ سميت وفاقي سطح تي سياسي، پاليسي ۽ ترقياتي چيلينجز بابت جاري ۽ حل نه ٿيندڙ مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاليسي مسئلن جهڙوڪ ٻوڏ جي ميدانن جي بحالي، پاڻي جي انتظام جي تڪرار، زراعت کي درپيش چيلينجز ۽ ڊجيٽل معيشت ۽ عوامي مفاد جي قانون سازي تي پڻ تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي،وفاقي حڪومت جي خدشن جي حوالي سان رڪاوٽن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن کي دور ڪرڻ جي ضرورت آهي،انهن رڪاوٽن ۾ سياسي، پاليسي ۽ قانون سازي جي معاملن تي بروقت مشاورت جو فقدان شامل آهي،واعدن تي عمل نه ٿيڻ کي به وفاقي حڪومت جي خدشن ۾ رڪاوٽ طور نشاندهي ڪئي وئي،ملڪ ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ۽ نئين زميني حقيقتن جي نتيجي ۾ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين اتفاق راءِ جي نه هجڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪميٽي کي سياسي پارٽين سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياسي پارٽين سان رابطو ڪري طئي ڪيو وڃي ته ڪهڙن معاملن تي سياسي اتفاق راءِ ممڪن آهي،رابطا ڪميٽي جون سفارشون هن مهيني جي آخر ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي کي پيش ڪيون وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔