اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت مايوس ٿي چڪي آهي، ڳالهائيندي شوڪت يوسفزئي چيو ته علي امين گنڊاپور کانسواءِ ڪو به اڳواڻ سامهون ناهي آيو،هن چيو ته پ پ قيادت ۾ مشاورت ۽ ڪوآرڊينيشن ناهي، پلاننگ جو فقدان آهي، پارٽي اندر جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڊي چوڪ کي وڃڻ لاءِ ڇو چونڊيو ويو شوڪت يوسفزئي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڳالهين لاءِ چيو ته اهي ڇو نه ڪيا ويا؟،جيڪڏهن حڪومت ڳالهين جي آڇ ڪئي ته ان سان مشاورت ڇو نه ڪئي وئي؟،اڳ ۾ ئي خبر هئي ته حڪومت ڊي چوڪ ۾ ڌرڻو تي حملو ڪندي