واشنگٽن: آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪستان تحريڪ انصاف جي مظاهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پرامن احتجاج ڪن۽ تشدد کان پاسو ڪن. هفتيوار بريفنگ دوران هن ساڳئي ساهي ۾ چيل جملي ۾ پاڪستان جي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جو احترام ڪري. آمريڪا طرفان اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن پي ٽي آءِ جو احتجاجي قافلو بشرا بي بي جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد ۾ داخل ٿي چڪو آهي. جنهن دوران ڪيترن ئي هنڌن تي پوليس ۽ مظاهرين ۾ پر تشدد جهڙپون ٿيون آهن جن م ٻنهي پاسن کان جاني نقصان جا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن.