ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 4 پئسا گهٽتائي ٿي وئي آهي.ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ 4 پئسا گهٽتائي سان 278 رپيا 20 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 278.4 پئسا تي هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار دوران مثبت رجحان ڏٺو ويو.ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 1155 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ 96 هزار 702 تي اچي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔