ڪوئيٽا : ڪوئيٽا کان بين الصوبائي ٽرين سروس، جيڪا امن امان کي نظر ۾ رکندي معطل ڪئي وئي هئي، اڄ کان بحال ڪئي وئي آهي.ريلوي اختيارين موجب جعفر ايڪسپريس پشاور لاءِ اڄ صبح 9 وڳي رواني ٿي جڏهن ته چمن لاءِ ٽرين اڄ به معطل رهندي. انلينڊ ٽرين سروس 4 ڏينهن کانپوءِ اڄ کان بحال ٿي وئي آهي. ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي کانپوءِ ريلوي کاتي 4 ڏينهن لاءِ ٽرين سروس معطل ڪري ڇڏي.ڌماڪي کانپوءِ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٽرين سروس معطل ڪئي وئي.