سنڌ جي 18 ضلعن ۾ ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

ڪراچي: سنڌ جي 18 ضلعن ۾ ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل  جاري آهي. سنڌ جي 18 ضلعن ۾ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي شروع ٿيو جيڪو شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهيو.

ڪراچي جي 6 ضلعن کان علاوه سنڌ جي ٻين 12 ضلعن ۾ 22 مختلف ڪيٽيگريز لاءِ ووٽ وڌا پيا وڃن. سکر جي 2 سيٽن ۾ يونين ڪميٽي نمبر 6 جي وائيس چيئرمين ۽ يوسي روهڙي جي چيئرمين لاءِ چونڊون ٿي رهيون آهن. جڏهن ته نوابشاهه جون 4 سيٽون، سڪرنڊ جي تڪ 4 ۾ وائيس چيئرمين، وارڊ نمبر 2 ۾ جنرل ڪونسلر، ايڇ ايم خواجه يونين ڪونسل 4 ۾ چيئرمين ۽ ضلع ڪائونسل ميمبر جي چونڊ ٿي رهي آهي.

گهوٽڪي ۾ اوٻاوڙو جي يوسي ڪمون شهيد جي چيئرمين لاءِ پولنگ ٿي رهي آهي. جڏهن ته حيدرآباد ۾ 5 سيٽون ۽ ٽنڊومحمدخان ۾ 2 سيٽن لاءِ ووٽ وڌا پيا وڃن.

ٽنڊوالهيار جي يونين ڪونسل لانڍي جي وارڊ نمبر 2 تي جنرل ڪونسلر، لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو جي وارڊ نمبر 2 ۾ جنرل ڪونسلر ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ يوسي لاکا ۾ جنرل ڪونسلر جي سيٽ تي ووٽ وڌا پيا وڃن.

مٽياري ٽائون ڪميٽي جي وارڊ 7، جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 6 تي جنرل ڪونسلر، شڪارپور يونين ڪونسل نمبر 5 ۾ چيئرمين جڏهن ته نوشهروفيروز ۾ يونين ڪونسل نيو آباد ۾ چيئرمين ۽ ڪندهر ۾ ڪونسلر جي سيٽ تي پولنگ ٿي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔