آءِ ايم ايف اختيارين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

آءِ ايم ايف وفد حڪومتي ادارن سان ڳالهين جي لاءِ اسلام آباد ۾ موجود آهي جتي اڄ وفد کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اختيارين آءِ ايم ايف وفد کي هلندڙ مالي سال جي شروع وارن 4 مهينن ۾ بي آءِ ايس پي جي ڪارڪردگي جي باري ۾ آگاهه ڪيو.

ذريعن موجب وفد کي مستحقين کي پهريان 4 مهينن ۾ امدادي جي فراهمي ۽ مالي مشڪلاتن جي باري ۾ ٻڌايو ويو جنهن تي آءِ ايم ايف اختيارين بي آءِ ايس پي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

ياد رهي ته آءِ ايم ايف جو وفد مني بجيٽ سميت ٽيڪس روينيو، واپاري دوست اسڪيم ۽ توانائي جي شعبي ۾ اصلاحات جي حوالي سان ڳالهين جي لاءِ 11 نومبر تي آيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔