پشاور: : پشاور ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وڏي ڪارروائي ڪندي پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي مُک سهولتڪار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.آءِ جي خيبرپختونخواهه پوليس اختر حيات پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته دهشتگرد محمد ولي پوليس ڪانسٽيبل ۽ انهي جو تعلق پابندي مڙهيل پارٽي الاحرار سان آهي، محمد ولي آپگهاتي حملو ڪندڙ کي پوليس لائنز ۾ ريڪي ڪرائي.هن چيو ته سهولتڪاري لاءِ جوابدار کي 2 لک روپيه مليا، نڀاڳي شخص پنهنجن ڀائرن جو سودو في ماڻهو 2 هزار روپين ۾ ڪيو، سمورا پئسا حواله هنڊي جي ذريعي آيا، جوابدار جون جڙون پنجاب تائين پکڙيل آهن.هن ٻڌايو ته دهشتگرد محمد ولي کي جميل چوڪ تان گرفتار ڪيو ويو، جوابدار کان 2 آپگهاتي جيڪٽس به هٿ آيا، دهشتگرد افغانستان مان جيڪٽس، حمله آورن ۽ ڌماڪيدار مواد جي ورهاست ۾ به ملوث آهي. محمد ولي هڪ هفتي جي موڪل وٺي افغانستان ويو، ڪنهڙ ۾ دهشتگرد ڪمانڊر صلاح الدين ۽ مڪرم خراساني سان ملاقات ڪئي.آءِ جي خيبرپختونخواهه چيو ته افغانستان مان واپسي تي افغان فورسز جوابدار کي گرفتار ڪيو، هينڊلر جنديد جي مداخلت تي محمد ولي کي افغان فورسز ڇڏي ڏنو، دهشتگرد آپگهاتي حملي جي اطلاع ٽيليگرام تي هينڊ لرجنيد کي ڏني. ياد رهي ته پوليس لائن پشاور جي مسجد ۾ 30 جنوري 2023ع تي آپگهاتي ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ مسجد جي امام ۽ پوليس اهلڪارن سميت 72 نمازي شهيد ۽ 157 زخمي ٿي پيا هئا.