باڪو : وزيراعظم شهباز شريف سي او پي 29 جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهچي ويو،مختلف اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ موسمياتي تبديلي بابت عالمي ڪانفرنس COP 29 جاري آهي. آمريڪي سفير موسمياتي تبديلي جي عمل کي جاري رکڻ جو عزم ڪيو مريڪي سفير ڊونلڊ ٽرمپ جي واپسي باوجود موسمياتي تبديلي تي ڪم جاري رکڻ جو عزم ڪيو آهي. هن چيو ته ٽرمپ فوسل فيول کان توانائي جي ٻين ذريعن ڏانهن منتقلي کي سست ڪري سگهي ٿو پر ان کي روڪي نٿو سگهي. انڊونيشيا جي وفد جو چوڻ آهي ته انڊونيشيا ايندڙ 15 سالن ۾ 75 گيگا واٽ قابل تجديد توانائي پيدا ڪندو.گڏيل قومن جي موسمياتي سربراهه چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاء فنڊ هڪ عطيو آهي، هڪ موسمياتي فنانس جو هدف آهي جيڪو مڪمل طور تي هر قوم جي مفاد ۾ آهي.