پي ٽي اي پاڪستان ۾ غير رجسٽرڊ وي پي اين بلاڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا

اسلام آباد:  پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي ملڪ ۾ غير رجسٽرڊ وي پي اين بلاڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب پي ٽي اي ملڪ ۾ غير رجسٽرڊ وي پي اين بلاڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، اهڙو فيصلو وي پي اين جي وائٽ لسٽنگ جي لاءِ ڪيو ويو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته غير رجسٽرڊ وي پي اين سيڪيورٽي رسڪ آهن، غير رجسٽرڊ ۽ غيرقانوني وي پي اين تان حساس ڊيٽا تائين پهچ حاصل ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته غير رجسٽرڊ وي پي اين تان غيرقانوني مواد تائين پهچ به حاصل ٿي سگهي ٿي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي اي 2010 ۾ وي پي اين جي رجسٽريشن شروع ڪئي هئي، هينئر تائين 20 هزار 500 جي لڳ ڀڳ وي پي اين رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن جڏهن ته 1322 کان وڌيڪ ڪمپنيون  هينئر تائين وي پي اين رجسٽرڊ ڪرائي چڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔