مڪمل طور تي تندرست هئڻ باوجود درد ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو: نسيم شاهه

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته مڪمل فٽ هجڻ باوجود ڪنهن به وقت درد ٿي سگهي ٿو.ايڊيليڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نفيس شاهه چيو ته ڪرمپس مان نڪرڻ ۾ گهڻو وقت نه ٿو لڳي، جڏهن ڪرمپس آيو ته وقت گهٽ هو ان ڪري اوور مڪمل نه ڪري سگهيو.هن چيو ته پهرين ون ڊي ميچ کٽڻ جي ويجهو هئي، اميد آهي ته ٻي ون ڊي کٽي سيريز برابر ڪندا.نسيم شاهه جو چوڻ آهي ته ايڊيليڊ جي پچ سٺي آهي، هاڪاري ڪرڪيٽ کيڏڻو پوندو، ميچ کانپوءِ ڳالهه ڪئي وئي ته ڪهڙين شين کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. فاسٽ بالر وڌيڪ چيو ته ميچ کانپوءِ ڳالهيون ٿيون ته هن يارڪر بالنگ ناهي ڪئي، هن اهڙي بال نه ڪئي، هو پچ جي حالت ۽ صورتحال موجب بالنگ ڪري رهيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔