واشنگٽن: آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ لاءِ مهم ختم ٿي چڪي آهي ۽ اڄ اڱاري تي پولنگ ٿي رهي آهي. ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪملا هيرس ڪاميابي جا دعويدار آهن پر آمرڪي چونڊون ڪور ڪندڙ سينئر صحافين جو چوڻ آهي ته اهو پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن به اميدوار جي واضح ڪاميابي جا آثار آخير وقت تائين چٽا نه آهن. جيتوڻيڪ مختلف پولز ۾ ڪملا هيرس کي پنهنجي حريف تي رڳو هڪ سيڪڙو فوقيت حاصل آهي پر جارجيا، پينسلوانيا ۽ مشيگن جون سوئنگ رياستون نتيجن کي پلٽي سگهن ٿيون. پهريون ڀيرو امريڪي صدارتي چونڊ ۾ 7 ڪروڙ 70 لک ووٽر پولنگ ڊي کان اڳ پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا آهن. چونڊ مهم جون آخري گهڙيون ڊونلڊ ٽرمپ مشيگن ۽ ڪملا هيرس پينسلوانيا ۾ گذاريون. ٽرمپ معيشت کي اوج ڏيارڻ، نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪرڻ جا واعدا ڪيا آهن. جڏهن ته ڪملا هيرس معاشري مان خوف ۽ تقسيم ختم ڪرڻ، مهانگائي گهٽ ڪرڻ ۽ عورتن کي ٻار ڪيرائڻ جي اجازت ڏيڻ سميت صحت جي شعبي ۾ وسيع اصلاحات جا واعدا ڪيا آهن. امريڪا جي وڏي ۾ وڏي رياست ڪيليفورنيا آهي جيڪا ملڪ جي اڪثر رياستن جي ٽائيم زون ۾ سڀني کان پوئتي آهي ۽ ان سبب ان جا نتيجا به آخر ۾ ايندا آهن. گهڻي ڀاڱي هي رياست ڊيموڪريٽ اميدوار جي حق ۾ هوندي آهي. جيڪڏهن ڪملا هيرس کٽي وئي ته آمريڪا جي تاريخ ۾ هوءَ پهرين عورت صدر هوندي. آمريڪي انٽيليجنس ايجنسن روس جي مداخلت کان خبردار ڪندي چيو آهي ته هو ڪوڙيون ويڊيوز ٺاهي ووٽرز کي مس گائيڊ ڪندي تشدد لاءِ اڪسائي رهيا آهن.