اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي ٻن سينيئر ترين ججن فل ڪورٽ بينچ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي 26هين آئيني ترميم بابت ڪيس نه لڳائڻ تي اعتراض واريو آهي. جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر 26هين آئيني ترميم تي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي ڇڏيو آهي.پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جا ميمبر جسٽس منصور شاهه ۽ جسٽس منيب چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي ججز ڪميٽي جي فيصلي موجب 26هين ترميم جو ڪيس فل ڪورٽ ۾ داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻن سينيئر ججن جي خط ۾ چيو ويو آهي ته 31 آڪٽوبر واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ 26هين ترميم جو ڪيس فل ڪورٽ ۾ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر ڪميٽي جي فيصلي باوجود ڪاز لسٽ جاري نه ڪئي وئي.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 2 رڪني اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 26 هين ترميم خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 4 نومبر تي فل ڪورٽ ڪندي ۽ 2 رڪني ڪميٽي جو فيصلو اڃا قائم آهي.ججن طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي تي عمل ڪندي ڪاز لسٽ جاري ڪئي وڃي ۽ 26هين ترميم خلاف درخواستون ساڳئي هفتي ۾ فل ڪورٽ ۾ پيش ڪيون وڃن.جسٽس منصور ۽ جسٽس منيب اختر پنهنجي خط ۾ رجسٽرار کي 31 آڪٽوبر جي اجلاس جا منٽس ويب سائيٽ تي شايع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.