اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) دعويٰ ڪئي آهي ته 19 جولاءِ 2024 تائين 13 لک کان مٿي يونيفارم ريسورس لوڪيٽرز (يو آر ايل) کي اسلام مخالف، بي حيائي ۽ غير اخلاقي مواد جي ڪري بلاڪ ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ٽيلي ڪام ريگيوليٽر دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي ويب مانيٽرنگ سسٽم تقريبن 1.38 ملين يو آر ايلز جو جائزو وٺڻ کان پوءِ 93.84 سيڪڙو (1.33 ملين) يو آر ايل بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن. پي ٽي اي پاران اهڙي رپورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.