ڪراچي: آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ستن ڏهاڪن کان جاري ڀائيواري صحت، تعليم، ثقافت، توانائي، اقتصادي ترقي ۽ سيڪيورٽي سان سلھاڙيل شعبن جي گڏيل دلچسپين تي ٻڌل آهي.
گذريل سال دوران پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري 50 سيڪڙو کان وڌي ويئي آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي مضبوط معاشي لاڳاپن جي علامت آهي..اھا سيڙپڪاري، خاص طور تي يو ايس-پاڪستان گرين الائنس ذريعي صاف توانائي ۽ پائيدار زرعي ترقي، ٽي بي تي ڪنٽرول ذريعي عوامي صحت جي بھتري ۽ پاڪستان جي ثقافتي ورثي جي تحفظ تي مشتمل آهي.
آمريڪي سفير ڊونالڊ بلوم پنھنجي ۲۲ کان ۲۵ آڪٽوبر تائين ڪراچي جي دوري دوران، فريئر ھال جي بحالي جي تقريب ۾ ۳۵۰،۰۰۰ ڊالرن جي آمريڪي سفير جي ثقافتي ورثي جي بحالي واري فنڊ اي،ايف،سي،پي تحت تعاون تي زور ڏنو
تقريب ۾ ڳالھائيندي چيو ته، "هي ان منفرد منصوبن مان ھڪ آهي جيڪو آمريڪا ۽ پاڪستان جي گڏيل ڪوششن ۽ سھڪار کي اجاگر ڪري ٿو. ۲۰۰۲ ۾ ٿيل ڌماڪي کانپوءِ، اسان محسوس ڪيو ته اسان کي فريئرھال جي ٻيھربحالي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ۽ اڄ، ھي جڳھ اسان سڀني لاء ثقافتي ورثي، شھرين جي ڀرپور شموليت ۽ سماجي سگھ جي علامت بڻيل آھي.
پنھنجي دوري دوران، سفير بلوم سنڌ حڪومت کي جديد تشخيصي موبائل وينون ۽ موبائل ايڪسري مشينون حوالي ڪيون، جيڪي خاص ڪري سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ ٽي بي جي ابتدائي تشخيص ۽ علاج کي يقيني بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪنديون.
سفير بلوم نيوٽريلو جهڙي مقامي کاڌي تيارڪرڻ واري ڪمپني جو دورو پڻ ڪيو، جيڪا آمريڪا جي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ وارين سرگرمين آئي پي اي جو حصو آهي ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ روزگار پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کي ھٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رھي آهي. سفير بلوم ڪراچي جي دوري دوران، آمريڪي ڪاروباري ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽوڪميٽي سان پنھنجي ملاقات دوران واپار ۽ آمريڪي ڪاروباري ادارن کي ھٿي ڏيارڻ جي عزم جو پڻ اظهارڪيو.