پ پ 18 آڪٽوبر تي آئيني ترميم تي ووٽنگ جي مخالف ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي 18 آڪٽوبر تي آئيني ترميم تي ووٽنگ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

پ پ ذريعن موجب پيپلز پارٽي چيو آهي ته حڪومت آئيني ترميم 18 آڪٽوبر کان اڳ يا بعد ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪري، 18 آڪٽوبر تي ڪارساز سانحي سبب پ پ جي مرڪزي قيادت حيدرآباد ۾ ريلين ۾ مصروف هوندي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آئيني ترميم 17 آڪٽوبر تي پارليامينٽ ۾ پيش ڪري سگهجي ٿي، انهي کان اڳ پ پ 13 آڪٽوبر تي آئيني ترميم آڻڻ جي مخالفت ڪئي هئي، وفاقي حڪومت 13 آڪٽوبر آچر تي قانونسازي جو ارادو رکندي هئي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پنهنجن ۽ اتحادي پارليامينٽ ميمبرن کي 13 آڪٽوبر کان اڳ طلب ڪري ورتو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔