آءِ پي پيز نه اسان پاڻ معيشت کي تباهه ڪيو آهي: شاهد خاقان عباسي

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آءِ پي پيز  معيشت کي تباهه ناهي ڪيو پر معيشت آءِ پي پيز کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آءِ پي پيز معيشت کي تباهه ناهي ڪيو پر معيشت آءِ پي پيز کي تباهه ڪري ڇڏيو، ملڪي معيشت اسان پاڻ تباهه ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته حڪومت سپورٽ نه ڪندي ته سيڙپڪار پرڏيهه هليا ويندا آهن ۽ اسان کي حقيقتون ناهن ٻڌايون ويون. اڪانومي خراب هوندي، بجلي مهانگي هوندي ته ماڻهو چوريون ڪندا، جيڪڏهن مسئلن کي نه سمجهنداسين ته انهي جو حل ڪيئن نڪرندو.

شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان ڪڏهن به مسئلي کي سمجهيو ئي نه آهي. نيٽ ميٽرنگ جو ڊسڪائونٽ ڪرڻ گهرجي ۽ سولر پينل جي امپورٽ تي ٽيڪسز نه لڳڻ گهرجي. هاڻ ته جيڪڏهن اسان سولر پينل پاڪستان ۾ ٺاهڻ چاهيون ته انهي تي به ٽيڪسز لڳايا ويندا. اسان کي ايتري به سمجهه نه آهي ته دنيا ۽ ٻيا ملڪ ڪيئن هلندا آهن.

اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت پاڻ واعدا ڪندي آهي پوءِ انهي تي بيهندي به نه آهي.  اوهان دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيو، حڪومت واعدن جي پاسداري نه ڪندي ته سيڙپڪار ڪيئن ايندا. 2013 ۾ جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي بجلي نه ٺاهڻ مسئلي جو حل نه آهي. منصوبه بندي انهي لاءِ ڪئي ويندي آهي ته اسان کي اڳيان وڌڻو آهي. مسئلو اهو آهي ته اسان معيشت پاڻ تباهه ڪري ڇڏي آهي. آءِ پي پيز معيشت تباهه ناهي ڪئي. معيشت آءِ پي پيز کي تباهه ڪري ڇڏيو. منهنجي ڪابه آءِ پي پيز نه آهي. اسان ماڻهن کي حقيقتون ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهيون. اڄ  اوهان وٽ هڪڙو ئي حل پرائيويٽائزيشن آهي اسان وٽ پاور سيڪٽر جي ريگوليشن انتهائي ڪمزور آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔