شنگهائي ڪانفرنس پاڪستان لاءِ اهم آهي: غزه جي معاملي تي به ڳالهيون ٿيڻ گهرجن: نعيم الرحمان

فيصل آباد: جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته شنگهائي تعاون ڪانفرنس پاڪستان لاءِ اهم آهي، ايس سي او ڪانفرنس ۾ غزه جي معاملي تي به ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته صرف ڀارت هوندو جيڪو غزه جي معاملي تي نه ڳالهائيندو  شنگهائي ڪانفرنس پاڪستان لاءِ اهم آهي، معيشت لاءِ به سٺو سنئوڻ آهي.

حق ڏيو تحريڪ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت اسان جا مطالبا مڃڻ جي لاءِ 45 ڏينهن جو وقت ڏنو هو. اسان جي دٻاءُ تي ئي حڪومت 14 روپيه في يونٽ بجلي سستي ڪئي، حڪومت چيو هو ته آءِ پي پيز سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. 5 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ٿي ويا، 18 سان ڳالهيون هلي رهيون آهن.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان چاهيون ٿا ته واعدن تي اڳڀرائي تيز ٿئي، اسان نٿا  چاهيون ته هر وقت ملڪ ۾ جهيڙو هجي، آئيني ترميم جي معاملي تي اسان جو موقف چٽو آهي، نئين چيف جسٽس جي اچڻ کان پوءِ آئيني ترميم جي معاملي تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔