شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي سربراهن جي آمد جو سلسلو جاري


شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي سربراهن جي آمد جو سلسلو جاري

ڪرغزستان ۽ بيلا روس جا حڪومتي سربراهه پهچي ويا، ڪرغزستان جي وزيراعظم زا پاروف اڪيل بيڪ نور خان ايئربيس پهتو ته وفاقي وزير مصدق ملڪ سندس آجيان ڪئي

سربراهي ڪانفرنس ۾ چين جو وزيراعظم لي چيانگ، بيلا روس، قازقستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جا وزيراعظم شرڪت ڪري رهيا آهن

سربراهي اجلاس ۾ ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر به شرڪت ڪري رهيا آهن

سربراهي اجلاس ۾ منگوليا جو وزيراعظم مبصر طور شرڪت ڪري رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف پاران اڄ سمورن پرڏيهي مهمانن جي مان ۾ ڊنر ڏنو ويندو

سربراهي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي توڙي ثقافتي شعبن ۾ جاري سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي

شنگهائي تعاون تنظيم جا ميمبر ملڪ هڪ ٻئي سان سهڪار وڌائڻ سميت مختلف معاملن تي اهم فيصلا به ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔