اداڪاره روبينه اشرف جي آءِ سي يو ۾ منتقل ٿيڻ وارين خبرن جي ترديد

ڪراچي:  قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ڪورونا وائرس جو شڪار پاڪستان جي مشهور اداڪاره روبينه اشرف جي آءِ سي يو ۾ منتقل ٿيڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن موجب ڪورونا وائرس جو شڪار پاڪستان جي مشهور اداڪاره روبينه اشرف جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس ايمرجنسي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو هو پر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ان خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ٽوئٽر تي لکيو ته روبينه اشرف گهر ۾ خيريت سان آهي ۽ سندس آءِ سي يو ۾ شفٽ ٿيڻ جي حوالي سان پکڙيل خبرون بي بنياد آهن. رويبنه اشرف جي مڙس طارق سندس گهر واري لاءِ دعا جي اپيل ڪئي آهي ته جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ميمبر شهزاد قريشي به وارثن سان رابطي ۾ آهي.

ياد رهي ته 60 ساله اداڪاره روبينه اشرف ۾ گذريل هفتي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي جنهن کان پوءِ هن پاڻ کي گهر ۾ ئي قرنطينه ڪري ڇڏيو هو. اداڪاره کي ڪورونا وائرس سبب ساهه کڻڻ ۾ پريشاني ٿي رهي هئي. روبينه اشرف جي طبيعت خراب ٿيڻ جون خبرون ٻڌي شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل فنڪارن سندس جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي. ندا ياسر ۽ ياسر نواز جيڪي پاڻ به ڪورونا وائرس جو شڪار آهن انهن به روبينه اشرف جي تصوير شيئر ڪندي  ان جي صحت جي لاءِ دعا ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔