پاڪستان ۾ ڪورونا سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ رڪارڊ105 فوتگيون

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ رڪارڊ 105 فوتگيون ٿيون آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 2 هزار 172 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 4 هزار 646 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ متاثر ماڻهن جو انگ هڪ لک اٺ هزار 317 ٿي وئي آهي. نيشنل ڪمانڊ  اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب متاثر 35 هزار  ارڙنهن مريض صحتياب ٿي ويا آهن.

پاڪستان جي صوبي پنجاب ۾ ڪورونا جا سڀني کان وڌيڪ مريض آهن جتي هينئر تائين 40 هزار 819 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ ۾ 39 هزار 555، خيبرپختونخواهه ۾4 هزار ڇهه، بلوچستان ۾ 6 هزار 788، اسلام آباد ۾ 5 هزار 795، آزاد ڪشمير ۾ 412 ۽ گلگت بلتستان ۾ 952 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون جتي 773 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. سنڌ ۾ 679، خيبرپختونخواهه ۾ 587، اسلام آباد ۾ 52، گلگت بلتستان ۾ 14، بلوچستان ۾ 58 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 9 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن. سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 24 هزار 620 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جڏهن ته گڏيل طور تي 7 لک  30 هزار 453 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔