سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول جي کوٽ برقرار آهي. شهر جي مختلف هنڌن تي پيٽرول پمپ کليل ته آهن پر انهن تي پيٽرول موجود ناهي ۽ جن پمپن تي پيٽرول ملي رهيو آهي اتي ماڻهن جو وڏو ميڙ جمع آهي.

پيٽرول جي کوٽ سبب عوام سستي پيٽرول مان فائدو کڻڻ کان محروم ٿي ويو آهي ۽ پيٽرول پمپن طرفان پيٽرول نه ڏيڻ تي مهانگو هاءِ آڪٽين پيٽرول وجهرائڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ پيٽرليم ريٽيلر سمير گلزار ڇيو آهي ته پيٽروليم شين جي فراهمي واري صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي. قومي ڪمپني لاڳيتو شهر جي وڏي ضرورت پوري ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪجهه آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون جزوي سپلاءِ ڏئي رهيون آهن.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ کان پوءِ پهرين جون کان سڄي ملڪ جي پيٽرول پمپن تان پيٽرول نه ملڻ جون شڪايتون آهن ۽ حڪومت هينئر تائين ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔